شيخ رحمت الله ٺٽوي

شيخ رحمت الله ٺٽوي : رحمت الله ولد شيخ عزت الله شاعر فاضل، عالم ۽ عاقل هو. پنهنجي والد کان پوءِ سندس منصب تي ٺٽي جي نوابن جو وڪيل ٿيندو رهيو. فارسي نثر جو زبردست انشاءپرداز ۽ سنجيده شاعر هو. مير علي شير قانع (وفات 1203هه/1788ع) لکي ٿو ته هو سندس همعصر ۽ گھاٽو دوست هو. مقالات شعراء (سنڌ جي فارسي گو شاعرن جي تاريخ) سندس ترغيب يا خواهش تي لکيو ويو. هو گفتگوءَ دوران ڪيتريون مصرعون موزون چوندو هو. هن جي تقرير ڄڻ ته انشا پردازي هئي پر شاعريءَ جي واديءَ جو گهٽ سفر ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪو بيت يا غزل موزون ڪندو هو ۽ ’سرشار‘ تخلص قبول ڪيو هئائين. سندس وفات جو سال معلوم نه آهي، مير علي شير جي همعصر هجڻ ڪري ٻارهين صدي جي عالمن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو